قومي ٽيم جي مختصر تربيتي ڪيمپ اڄ کان قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ شروع ٿي وئي آهي

بنگلاديش جي دوري لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي مختصر تربيتي ٽريننگ ڪيمپ اڄ کان قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ شروع ٿي وئي آهي.

گذريل ڏينهن ٽنهي فارميٽ جي ڪرڪيٽ ۾ سليڪٽ ٿيل رانديگرن هيڊ ڪوچ وقاريونس قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ رپورٽ ڪئي.

قومي ٽِيم بنگلاديش خلاف ٽي- ون ڊي، هڪ ٽي-ٽوئنٽي ۽ ٻن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز کان پهرين شروع ٿيل تربيتي ڪيمپ ۾ رانديگرن کي ٻن سيشز ۾ ٽريننگ ڪرائي ويندي.

پهرين سيشن ۾ سمورن رانديگرن  نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ جم ۽ فزيڪل فٽنس جي ٽريننگ ڪئي.

شام جي سيشن ۾رانديگر قذافي اسٽيڊيم ۾ نيٽ ۾ بالنگ ۽ بيٽنگ سان گڏ فيلڊنگ جي پريڪٽس تي ڌيان ڏيندا.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تربيتي ڪيمپ 11 اپريل تي پڄاڻي تي پهچندي، جنهن بعد ٽيم13 اپريل تي ڍاڪا رواني ٿيندي.

بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ هلندڙ مهيني رٿيل سيريز جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

واضح رهي ته بنگلاديش خلاف قومي ٽيم ٽي-ون ڊي، هڪ ٽي-ٽوئنٽي ۽ٻه ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*