اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته شهباز شريف جي گرفتاري انتقامي ڪارروائي ناهي ته ٻيو ڇا آهي

اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته شهباز شريف جي گرفتاري انتقامي ڪارروائي ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟، وزير اعظم پاڻ چئي رهيو آهي ته 50 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويندو، جيڪڏهن اثاثن جي جاچ ٿئي ته ڪير به بچي نه سگهندو.

اسلام آباد ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي نواز شريف چيو ته حڪومت انتقامي ڪارروائيون ڪري رهي آهي، جنهن سبب ملڪ ۾ غير يقيني صورتحال پيدا ٿي رهي آهي، ن ليگ حڪومت ۾ ڪنهن کي به انتقام جو نشانو نه بڻايو ويو هو.

نواز شريف شهباز شريف جي گرفتاري تي چيو ته شهباز شريف ڏينهن رات هڪ ڪري عوام جي خدمت ڪئي، صحت جو خيال نه رکڻ سبب پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو.

هن چيو ته سڀ شهباز شريف جي ڪم جي تعريف ڪري رهيا آهن، چيني حڪومت جي وضاحت تي شهباز شريف تي الزام مڙهيندڙن جو ڪوڙ پڌرو ٿي ويو، اهڙي شخص سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڏسي کيس ڏک ٿي رهيو آهي.

هڪ سوال جَي جواب ۾ نواز شريف چيو ته اثاثن بابت ڪيس کوليا وڃن ته پاڪستان جو ڪوبه ماڻهو بچي نه سگهندو، مشڙف جي ٺاهيل قانون جو جائزو وٺڻ گهرجي ها، هاڻي ڪارا قانون ختم ٿيڻ گهرجن.

اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو ته فواد حسن فواد کي سلطاني شاهد ٿيڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، نيب پاران سلمان شهباز کي گهرائڻ مذاق آهي.

نواز شريف وڌيڪ چيو ته پشاور ميٽرول لاءِ بليڪ لسٽ ڪمپني کي ٺيڪو ڏنو ويو، خيبرپختونخواهه حڪومت بليڪ لسٽ ڪمپني کي ٺيڪو ڇو ڏنو، ان جي به جاچ ٿيڻ گهرجي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*