شاگردياڻي فرزانه جمالي کي حراسان ڪرڻ واري ڪيس ۾ڄاڻايل جوابدار شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نواب شاهه جي ويِ سي ارشد سليم کانپوءِ پروفيسر عامر خٽڪ به پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

شاگردياڻي فرزانه جمالي کي حراسان ڪرڻ واري ڪيس ۾ڄاڻايل جوابدار شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نواب شاهه جي ويِ سي ارشد سليم کانپوءِ پروفيسر عامر خٽڪ به پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، وڏي وزير ڏانهن موڪليل استعيفيٰ ۾ وي سي ارشد سليم چيو آهي ته حراسمينٽ وارن الزامن بعد هو ذهني دٻاءُ  ۾ آهي، ان ڪري موجوده صورتحال ۾ ذميواريون نڀائي نه ٿيون سگهجن، استعيفيٰ منظور ڪئي وڃي، فرزانه جماليءَ  وي سي ۽ پروفيسر جي استعيفيٰ بعد احتجاج ختم ڪري ڇڏيو، فرزانا جمالي چيو آهي ته هاڻي ڪوڙي ڪيس ۾ڦاسايل ڀاءُ کي انصاف ڏيارڻ لاءِ احتجاج ڪنداسين.

نواب شاهه جي بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي  ۾جنسي حراسمينٽ جو شڪار بڻيل شاگردياڻي فرزانه جمالي کي 42 ڏينهن جي مسلسل جدوجهد کان پوءِ انصاف ملي ويو آهي.

جنسي حراسمينٽ ڪيس ۾ نامزد جوابدار وي سي ارشد سليم آرائين  ۽ پروفيسر عامر خٽڪ متاثر شاگردياڻي فرزانه جمالي ۽ سياسي سماجي ڌرين جي سخت احتجاج کان پوءِ پنهنجن عهدن تان استعيفيٰ ڏني آهي.

وي سي ارشد سليم پنهنجي استيعفيٰ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ پروفيسر عامر خٽڪ پنهنجي استعيفيٰ رجسٽرار آفيس ڏانهن موڪلي ڇڏي.

بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي جي پي آر او ڪاشف نوراني وي سي ارشد سليم ۽ پروفيسر عامر خٽڪ  جي استعيفيٰ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ارشد سليم آرائين ۽ عامر خٽڪ فرزانه مامري جي اڻڌري جاچ ڪرڻ لاءِ استعيفائون ڏنيون آهن.

وي سي ارشد سليم آرائين پنهنجي استيعفا ۾ لکيو آهي ته فرزانه جمالي حراسمينٽ ڪيس سبب هو سخت پريشان آهي، ان ڪري پنهنجي ڊيوٽي سرانجام نه ٿو ڏئي سگهي، حراسمينٽ ڪيس جي صاف ۽ شفاف جاچ لا۽ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيان ٿو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پروفيسر عامر ختڪ به پنهنجي استعيفيٰ ۾ ساڳيو ئي موقف اختيار ڪيو آهي.

وي سي ارشد سليم آرائين ۽ پروفيسر عامر خٽڪ جي استعيفيٰ واري خبر تي سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران خوشي ۾ مٺائي پڻ ورهائي وئي.

هوڏانهن انصاف حاصل ڪرڻ لا۽ فرزانه جمالي  پنهنجي والد اعجاز جمالي، چاچي اقبال جمالي، ايس ٽي پي جي اڳواڻن الطاف جسڪاڻي، نثار ڪيريو، اطهر شاهه، مولانا مقصود ڊومڪي، پي ٽي آءِ اڳواڻ عنايت رند، فياض خاصخيلي ۽ ٻين سان گڏ چوٿين ڏينهن به نوابشاهه پريس ڪلب  ٻاهران بک هڙتال ڪئي.

جنسي حراسمينٽ ڪيس جي ٻنهي جوابدارن جي استعيفائن کانپوءِ شاگردياڻي فرزانا جمالي ۽ ٻين احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

ان موقعي تي فرزانه جمالي ڳالهائيندي چيو ته هوءَ پنهنجي خاندان، سياسي سماجي تنطيمن جي ڪارڪنن،  سول سوسائٽي ۽ ميڊيا جي ٿورائتي آهي جن کيس انصاف ڏيارڻ ۾اهم ڪردار ادا ڪيو.

هن چيو ته  صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو کيس انصاف ڏيارڻ ۾رڪاوٽ بڻيل رهي، جنهن جي نتيجي ۾يونيورسٽي ۾اڄ ٿيندڙ مڊٽرم جو امتحان به هوءَ نه ڏئي سگهي آهي.

ٻئي پاسي فرزانه جمالي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ قاضي احمد ۾ايس ٽي پي ڪارڪنن ڏاڏو عثمان ٻگهيو، بلاول گبول، زاهد چانڊيو ، خادم سنگراهه، ياسين لاکو، خيرل سنڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

فيض گنج ۾سول سوسائٽي جي سڏ تي عبدالباقي شر، ڪامريڊ مرتضي شر، جنيد چانگ، اشتياق چانگ، ساقي خدا بخش، خادم شر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ رورل هيلٿ سينٽر کان احتجاجي ريلي ڪڍي مک چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*