وزيراعظم عمران خان 50 لک گهر ٺاهڻ واري منصوبي جو افتتاح اڄ ڪندو

وزيراعظم عمران خان 50 لک گهر ٺاهڻ واري منصوبي جو افتتاح اڄ ڪندو، پهرين مرحلي ۾ گريڊ هڪ کان گريڊ 16 جا سرڪاري ملازم رجسٽريشن ڪرائڻ جي اهل هوندا، رجسٽريشن جو اعلان به اڄ ڪيو ويندو.

پي ٽي آءِ حڪومت اعلان ڪيل 50 لک گهرن جي اڏاوت جو پلان تيار ڪري ورتو آهي، منصوبي جو اعلان اڄ وزيراعظم عمران خان ڪري رهيو آهي.

شروعاتي مرحلي ۾ 7 ضلعن اندر ڪم شروع ڪيو ويو ويو آهي، گريڊ هڪ کان 16 جا ملازم رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا.

منصوبي تحت اسلام آباد، لاهور، پشاور، ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ سستا گهر تعمير ڪيا ويندا.

حڪومت گهٽ آمدني وارن شهرين کي آسان قسطن تي گهر تعمير ڪري ڏيندي، وفاقي حڪومت منصوبي جي نگراني پاڻ ڪندي.

ذريعن موجب، پنهنجو گهر وٺندڙ جي خواهشمندن لاءِ نادرا جي مدد سان فارم تيار ڪيو ويو آهي. جيڪو مقرر بينڪن جي شاخن ۾ دستياب هوندو.

واضح رهي ته گذريل سيپٽمبر مهيني ۾ ملڪ اندر 50 لک گهرن جي تعمير جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس وزيراعظم عمران خان  جي صدارت  هيٺ ٿيو هو، جنهن دوران منصوبي بابت غور ويچار ڪيو ويو هو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*