اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اين اي 60 راولپنڊي جي ننڍي چونڊ ملتوي ڪرائڻ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اين اي 60 راولپنڊي جي ننڍي چونڊ ملتوي ڪرائڻ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس عامر فاروق اين اي 60 راولپنڊي ۾ ننڍي چونڊ ملتوي ڪرائڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار عدالت آڏو پيش ٿي موقف اختيار ڪيو ته حنيف عباسي جي اپيل تي فيصلي تائين چونڊ کي ملتوي ڪرايو وڃي.

جنهن تي جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪو قانوني نقطو ٻڌايو، هيڏانهن هوڏانهن ڳالهيون نه ڪريو.  ضرورت پئي ته اليڪشن ڪميشن کي مناسب هدايتون جاري ڪنداسين.

عدالت درخواستگذار جي وڪيل جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*