سعودي عرب ۾ اڻڄاتل هٿياربندن پاران 3 پوليس اهلڪارن جي قتل واري واقعي بعد پوليس پاران آپريشن شروع ڪيو ويو

سعودي عرب ۾ اڻ ڄاتل هٿياربندن پاران 3 پوليس اهلڪارن جي قتل واري واقعي بعد پوليس پاران آپريشن شروع ڪيو ويو آهي جنهن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ وڌيڪ پوليس اهلڪار جي مارجي ويو،پوليس شڪ جي بنياد تي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

سعودي عرب جي قطيف شهر جي عواميا ضلعي ۾ گذريل ڏينهن اڻ ڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري 3 پوليس اهلڪارن کي قتل ڪري ڇڏيو جنهن بعد پوليس پاران سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو.

سرچ آپريشن دوران پوليس 4 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ  ڪئي آهي پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن مان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن.

سوشل ميڊيا تي پوليس پاران شروع ڪيل آپريشن جي وڊيو به اپلوڊ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ پوليس کي گهر گهر داخل ٿيندي ۽ چڪرين کي ڏسي سگهجي ٿو.

تيل جي دولت سان مالامال سعودي عرب جي اترئين صوبي قطيف ۾ گهڻو ڪري آبادي شيعا برادري جي ماڻهن جي آهي.

واضح رهي ته يمن عراق ۽ شام ۾ فرقيوراڻي ويڙهه ۾ اضافي بعد سعودي عرب جي شيعا آبادي واري علائقي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*