اسپيڪر اسد قيصر اپوزيشن جي مطالبي تي قومي اسيمبلي جو اجلاس 17 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو

اسپيڪر اسد قيصر اپوزيشن جي مطالبي تي قومي اسيمبلي جو اجلاس 17 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو، نون ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته اسپيڪر اسيمبلي جو اجلاس فوري طلب ڪرڻ بدران 17 آڪٽوبر تي طلب ڪيو آهي، شيڊول موجب سڀاڻي پارٽي جو احتجاجي اجلاس ٿيندو.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر اپوزيشن جي مطالبي تي قومي اسيمبلي جو اجلاس 17 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو آهي.

نون ليگ ۽ ٻين مخالف ڌر جي جماعتن اپوزيشن ليڊر شهبازشريف جي گرفتاري تي بحث لاءِ اجلاس سڏائڻ لاءِ ريڪيوزيشن جمع ڪرايو هو.

نون ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته اسپيڪر اسيمبلي جو اجلاس فوري طلب ڪرڻ بدران 17 آڪٽوبر تي طلب ڪيو آهي.

مريم اورنگزيب چيو ته، شيڊول موجب سڀاڻي پارٽي جو احتجاجي اجلاس ٿيندو.

هوڏانهن هڪ خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ڳالهائيندي قمر زمان ڪائره چيو ته شهبازشريف جي پارٽي اجلاس گهرائي ٿي ته اسان ان سان گڏ آهيون.

 هن چيو ته، جيڪڏهن هو روڊن تي وڃن ٿا ۽ پيپلزپارٽي سان رابطو ڪن ٿا ته پوءِ اسان جائزو وٺنداسين ته ڪيستائين اسان ساڻن گڏ وڃي سگهون ٿا.

پيپلزپارٽي اڳواڻ  قمر زمان ڪائره چيو ته، شهباز شريف سان اختلاف رڳو سندس رويي سبب هو.

قمر زمان ڪائره چيو ته  ن ليگ سنڌ ۽ رحيم يار خان جي سيٽن تي حمايت ڪري رهي آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*