سپريم ڪورٽ نيب کان ايم ڊي پي ايس او جي پگهار ۽ سهولتن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي

سپريم ڪورٽ نيب کان ايم ڊي پي ايس او جي پگهار ۽ سهولتن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي، نيب کي ايم ڊي پي ايس او جي پگهار بابت چئن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيف جسٽس چيو آهي ته اڄ ڪلهه حالتون تمام خراب آهن، مهانگائي سبب عوام پريشان آهي، ڊالر ڏسو ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويو آهي، قدم حڪومت ئي کڻي سگهي ٿي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ جي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران پي ايس او جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ايل اين جي ۽ پيٽرول جي اگهن کي ڪنٽرول نه ٿو ڪري سگهجي پر ڪجهه قدم کڻي سگهجن ٿا، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اهي قدم حڪومت کي ئي کڻڻا آهن.

چيف جسٽس پڇا ڪئي ته ڇا پي ايس او جي مينيجنگ ڊائريڪٽر  37 لک پگهار ڪهڙي حساب سان وٺي رهيو آهي، جنهن تي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ايم ڊي جي مقرري وفاقي حڪومت ڪندي آهي. جنهن تي پي ايس او بورڊ جو ڪو به ڪنٽرول نه آهي.

پي ايس او جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته  ايم ڊي عمران الحق کي باضابطه طريقي سان مقرر ڪيو ويو آهي ۽ کيس پگهار مارڪيٽ ريٽ موجب ڏني پئي وڃي.

جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت ٻڌائي ڪهڙي بنياد تي ايم ڊي پي ايس او کي 37 لک رپيا پگهار ڏني وئي، ڪو ٻيو ماڻهو هن ملڪ ۾ ايتري پگهار نه پيو کڻي.

اٽارني جنرل خالد جاويد عدالت کي ٻڌايو ته هي اينگرو ۽ ايل اين جي سيڪٽر ۾ ڪلم ڪندو رهيو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ايم ڊي پي ايس او جي مقرري وارو معاملو نيب کي موڪلي ٿا ڇڏيون ۽ نيب سندس پگهار ۽ سهولتن جي جاچ ڪندي.

اٽارني جنرل ايل اين جي درآمد واري معاملي تي ان ڪيمرا بريفنگ جي استدعا ڪندي چيو ته معاملو حساس نوعيت جو آهي، عدالت کي ان ڪميرا معلومات ڏيڻ چاهيان ٿو، جنهن تي عدالت اٽارني جنرل جي استدعا منظور ڪري ورتي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ڊالر جي وڌندڙ اگهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ ڪلهه حالتون تمام خراب آهن.

 چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته، مهانگائي سبب عوام پريشان آهي، ڊالر ڏسو ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويو آهي، قدم حڪومت ئي کڻي سگهي ٿي.

سپريم ڪورٽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ۽  ايم ڊي پي ايس او جي مقرري بابت ڪيس ۾ نيب کان ايم ڊي پي ايس او جي پگهار ۽ سهولتن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.

عدالت نيب کي ايم ڊي پي ايس او جي پگهار بابت چئن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*