حيدرآباد باءِ پاس تي ٽرالر جو ڪار سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا

حيدرآباد باءِ پاس تي ٽرالر جو ڪار سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.

قاسم آباد باءِ پاس وٽ ٽرالر جو سامهون ايندڙ ڪار سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 35 سالن جو طارق ۽ 38 سالن جو شاهد فوت ٿي ويا.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي ڄڻن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا، جتان قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا، جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو.

حادثي ۾ فوت ٿي ويل طارق ۽ شاهد لطيف آباد نمبر 5 جا رهواسي آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*