سپريم ڪورٽ پيپلزپارٽي جي اڳوڻي سينيٽر فيصل رضا عابدي جي استدعا منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 30 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ پيپلزپارٽي جي اڳوڻي سينيٽر فيصل رضا عابدي جي استدعا منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 30 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، پوليس فيصل رضا عابدي کي عدالتي ۾ پيشي بعد گرفتار ڪري ورتو.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ فيصل رضا عابدي جي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران پيپلزپارٽي جو اڳوڻو سينيٽر فيصل رضا عابدي پيش ٿيو.

فيصل رضا عابدي استدعا ڪئي ته سندس وڪيل عمري تي ويل آهي،جنهن سبب وڪيل جي واپسي يا وري ٻيو وڪيل ڪرڻ تائين ڪيس ملتوي ڪيو وڃي، جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو.

عدالت فيصل رضا عابدي جي استدعا منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 30 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

ٻئي طرف فيصل رضا عابدي سپريم ڪورٽ ۾ پيشي بعد ٻاهر آيو ته شاهراهه دستور تي اسلام آباد پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب، فيصل رضا عابدي خلاف سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ سپريم ڪورٽ جي ترجمان جي فرياد تي ڪيس داخل آهي، جنهن سبب کيس ٿاڻي منتقل ڪيوويو آهي.

فيصل رضا عابدي جي ڀاءُ سندس گرفتاري تي ڳالهائيندي چيو ته فيصل رضا عابدي کي گرفتار ڪرڻ زيادتي آهي، هو عدالت ۾ پيش ٿي رهيو آهي ۽ هن ضمانت به ورتي آهي، پر ان باوجود سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

فيصل رضا عابدي جي ڀاءُ چيو ته اڳوڻي سينيٽر خلاف ڪيسن جي جاچ هلي رهي آهي، ان حوالي سان سائبر ڪرائم، توهين عدالت ۽ سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*