تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عثمان ڊار کي وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عثمان ڊار کي وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن جي نمائندگي لاءِ عثمان ڊار بهترين چونڊ آهي، يوٿ پروگرام ذريعي نوجوانن لاءِ انقلابي قدم کنيا وڃن.

وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي عثمان ڊار کي وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن جي نمائندگي لاءِ عثمان ڊار بهترين چونڊ آهي، يوٿ پروگرام ذريعي نوجوانن لاءِ انقلابي قدم کنيا وڃن.

عثمان ڊار چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اعتماد ظاهر ڪيو آهي، هو ان تي پورو لهندو. وزيراعظم نوجوانن جو صحيح معنيٰ ۾ بااختيار بڻائڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي.

هن چيو ته اڳوڻي حڪومت ۾ ليپ ٽاپ مهانگي اگهن ۾ خريد ڪري قومي ناڻي کي نقصان پهچايو ويو.

عثمان ڊار چيو ته ملڪ جي نوجوانن کي حڪومتي سرپرستي ۾ ترقي جو موقعو فراهم ڪيو ويندو۽ مڪمل تياري سان نوجوانن لاءِ زبردست پاليسيز ۽ اسڪيمز آنديون وينديون.

تحريڪ انصاف اڳواڻ چيو ته نوجوانن کي ڪامياب روزگار ۽ بهترين تربيت مهيا ڪرڻ به اسان جي پهرين ترجيح آهي.

واضح رهي ته اڳوڻي حڪومتي دور ۾ هي عهدو وزيراعظم نوازشريف جي ڌيءُ مريم نواز وٽ هو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*