اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر سندن نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ واري عمل کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر سندن نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ واري عمل کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو، نوازشريف نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ خلاف گهرو وزارت کي خط لکندي چيو آهي ته  اي سي ايل ۾ نالا شامل ڪري آئين جي آرٽيڪل 4، 15 ۽ 25 جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، پرڏيهه وڃڻ چاهيون ٿا، نالا اي سي ايل مان ڪڍيا وڃن.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ واري عمل کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ لاءِ گهرو وزارت کي خط به لکي ڇڏيو آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته اي سي ايل ۾ نالا شامل ڪري آئين جي آرٽيڪل 4، 15 ۽ 25 جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي.

خط جي متن موجب، احتساب عدالت ٽنهي جوابدارن کي ڪرپشن جي الزام مان بري ڪيو هو.

خط جي متن موجب، نيب ڪرپشن جا الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، جنهن سبب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سزا کي معطل ڪيو.

خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به عدالت نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ناهي ڏنو.

خط جي متن موجب، اسان قانون تي عمل ڪندڙ شهري آهيون، احتساب عدالت غير موجودگي ۾ سزا ٻڌائي، اسان رضاڪاراڻي گرفتاري ڏني.

خط ۾ چيو ويو آهي ته ٽنهي جوابدارن عدالت آڏو پيش ٿي بانڊز به جمع ڪرايا آهن، نوازشريف احتساب عدالت نمبر 2 جي اجازت سان پرڏيهه سفر ڪندو. جنهن سبب ٽنهي ڄڻن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا وڃن.

واضح رهي ته نوازشريف، مريم نواز ۽ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر اي سي ايل مان نالا ڪڍڻ لاءِ 4 آڪٽوبر تي گهرو وزارت کي درخواست ڪئي هئي، درخواست تي جواب نه اچڻ سبب ٻيهر رابطو ڪيو ويو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*