سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ڪراچي ۾ اسٽريم ڪرائيم ۽ ڦر واقعن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پوليس ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي

سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ڪراچي ۾ اسٽريم ڪرائيم ۽ ڦر واقعن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پوليس ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي، حڪومت جي 100 ڏينهن بعد عوام کي سڀ ڪجهه واضع نظر اچي ويندو.

ڪراچي جي فيڊريشن هائوس ۾ تقريب کي خطاب ڪندي گورنر عمران اسماعيل چيو ته ماضي ۾ ڪراچي ۾ هر روز 10، 10 ماڻهن کي ماريو ويندو هو، هاڻي دهشتگردي واقعن تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته آءِ جي سنڌ نئون ماڻهو آهي، صورتحال کي چڱي ريت ڏسي رهيو آهي، جلد ڏوهن تي ڪنٽرول ڪيو ويندو.

گورنر عمران اسماعيل چيو ته ڪراچي جو ملڪي معيشيت ۾ اهم ڪردار آهي، 90 سيڪڙو واپاري سرگرميون ڪراچي ۾ ٿي رهيون آهن.

هن چيو ته اليڪشن وقت به اسان کي خبر هئي ته ملڪ جو خزانو خالي ۽ توانائي مسئلو آهي.

گورنر عمران اسماعيل چيو ته ڪجهه ماڻهو قرض وٺڻ تي حڪومت تي تنقيد ڪري رهيا آهن پر اسان ملڪ ۽ عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*