آمريڪا ۾ مقرر پاڪستان جي مستقل نمائنده مليحه لوڌي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي پاليسين جي مقصد معيشت ۾ نئون ساهه ڦوڪيو آهي

آمريڪا ۾ مقرر پاڪستان جي مستقل نمائنده مليحه لوڌي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي پاليسين جي مقصد معيشت ۾ نئون ساهه ڦوڪيو آهي، سندس حڪومت جي سماجي ۽ معاشي ترجيح گلوبل ايجنڊي  2030 مطابق آهي،  زراعت کي هٿي ڏيارڻ، سستي توانائي ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ نئين حڪومت جي ترجيح آهي.

نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي مليحه لوڌي چيو ته وزيراعظم جي پاليسين جي مقصد معيشِت ۾ نئون ساهه ڦوڪيو آهي.

هن چيو ته حڪومتي اسٽريڪچر ۾ بهتري، احتساب، وڻڪاري، صحت ۽ تعليم ۾ سڌارن، زراعت کي هٿي ڏيارڻ، سستي توانائي ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ نئين حڪومتي جي ترجيحن ۾ شامل آهي.

پاڪستان جي مستقل نمائندا چيو ته قدرتي وسيلن جي ڳولا ۽ پنهنجو پاڻ تي ڀاڙڻ حڪومتي قدم کڻڻ بنيادي جزو آهي.

مليحه لوڌي چيو ته احتساب ۽ ڦر ڪيل دولست جي واپسي به نئين پاڪستاني حڪومت جي ايجنڊي ۾ شامل آهي.

آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني نمائندي چيو ته گلوبل ايجنڊي 2030 ۾ محڪوم ملڪن جي عوام جي حقن جو خيال رکڻو پوندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*