وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، ذريعن موجب اجلاس ۾ گهرو وزارت نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ بابت پاليسي تي بريفنگ ڏيندي ۽ نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ ۽ ڪڍڻ بابت به غور ويچار ڪيو ويندو، وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏيندي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي.

ذريعن موجب اجلاس ۾ گهرو وزارت نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ بابت به پاليسي تي بريفنگ ڏيندي ۽ نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ ۽ ڪڍڻ بابت غور ويچار ڪيو ويندو.

ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏيندي.

ذريعن موجب، پي آءِ اي چيئرمين جي مقررريءَ سميت ٻين معاملن تي به غور ويچار ڪيو ويندو

اجلاس دوران ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ اقتصادي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.  جڏهن ته معاشي صورتحال جي بهتري لاءِ کنيل قدمن تي ڪابينا کي اعتماد ۾ به ورتو ويندو.

اجلاس دوران يوريا ڀاڻ گهرائڻ لاءِ پيپرا رولز 35 ۾ نرمي جي سمري منظوري لاءِ پيش ڪئي ويندي.

وفاقي ڪابينا پاڪستان بيت المال جي چيئرمين جي مقرري جي منظوري به ڏيندي، جڏهن ته ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين جي مقرري جي قاعدن ۾ ترميم جي منظوري لاءِ پيش ڪئي ويندي.

ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا نجڪاري جي چيئرمين ۽ پي آءِ اي جي چيئرمين جي مقرري جي منظوري به ڏيندي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*