مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي گرفتاري ۽ ريمانڊ کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو ويو آهي

مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي گرفتاري ۽ ريمانڊ کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو ويو آهي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته شهباز شريف جي گرفتاري ۽ ريمانڊ آئين جي ابتڙ آهي، جنهن سبب گرفتاري کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مسلم ليگ ن جي ڪارڪن طرفان اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي گرفتاري ۽ ريمانڊ خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

درخواست ۾ وفاقي حڪومت ۽ نيب چيئرمين کي ڌرڻ بڻايو ويو آهي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته شهباز شريف جي گرفتاري ۽ ريمانڊ آئين جي ابتڙ آهي، جنهن سبب گرفتاري کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

واضح رهي ته پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف کي صاف ڪمپني ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*