يمن معاملي تي ايران کي به پاليسي واضح ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم نواز شريف

وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن سعودي عرب تي حملو ٿيو ته پاڪستان ساڻس ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندو، يمن معاملي تي بچاءَ واري وزير خواجا آصف جي خطاب کان پوءِ وڌيڪ ڪنهن به وضاحت جي ضرورت نه آهي.

پارليامنٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته ايوان ۾ سمورن ميمبرن سٺا  مشورو ڏنا آهن جن کي نظر ۾ رکي پاليسي ٺاهي ويندي.

هن چيو ته خواجه آصف جي خطاب کانپوءِ وضاحت مناسب نه هئي.

وزير اعظم چيو ته حڪومت نيڪ نيتي سان مسئلا ٻڌي رهي آهي ۽ هو مينڊيٽ وٺڻ نه پر صلاح مشوري لاءِ ايوان ۾ آيا آهن.

نواز شريف چيو ته کين مينڊيٽ نه کپي کين معاملي جو حل  ٻڌايو وڃي.

هن چيو ته ترڪي ۽ پاڪستان جي راءِ هڪجهڙي آهي جڏهن ته هو معاملي جي حل لاءِ ملائشيا، انڊونيشيا ۽ ٻين ملڪن سان به رابطو ڪندا.

نواز شريف جو چوڻ هو ته يمن معاملي تي ايران کي به پاليسي واضح ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته هو ميمبرن وٽان ملندڙ راءِ کي پاليسي جي شڪل ڏيڻ چاهين ٿا.

نواز شريف چيو ته سعودي عرب جي درخواست تي پارليامينٽ واضح مشورو ڏي، جڏهن ته سعودي ساليمت کي خطرو ٿيو ته پاڪستان به وڙهندو.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته ايوان جيڪو به فيصلو ڪندو  حڪومت ان تي عمل ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*