پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته اڳوڻي نااهل حڪومت ادارن ۽ ملڪي معيشيت کي تباهه ڪيو

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته اڳوڻي نااهل حڪومت ادارن ۽ ملڪي معيشيت کي تباهه ڪيو، اسان کي گڏجي موجوده چيلنجز کي منهن ڏيڻو آهي. معيشت سان جيڪي راند اڳوڻي حڪومت کيڏي، اها معاف ڪرڻ جوڳي نه آهي، قوم کي وزيراعظم عمران خان تي اعتماد آهي.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته ملڪي معيشت سان اڳوڻي دور ۾ جيڪا راند کيڏي وئي، اها معاف ڪرڻ جوڳي نه آهي.

هن چيو ته ڪپتان هميشه سچ ڳالهائيندو آهي ۽ عوام کي سچ ٻڌائيندو آهي، قوم کي عمران خان تي اعتماد اهي.

پنجاب جي وڏي وزير چيو ته قوم جي حمايت سان مشڪل حالتن مان جلد ٻاهر نڪري وينداين. اسان گڏجي موجوده چيلنجز کي منهن ڏينداسين.

عثمان بوزدار چيو ته اڳوڻي نااهل حڪومت ادارن ۽ ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان ملڪ کي موجوده مسئلن مان ٻاهر ڪڍندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*