نوابشاهه ويجهو ڪجهه ڏينهن اڳ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي ويل سکر واسي ايس ايڇ او زخمن جي سٽ نه سهندي اسپتال ۾فوت ٿي ويوآهي
نوابشاهه ويجهو ڪجهه ڏينهن اڳ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي ويل سکر واسي ايس ايڇ او زخمن جي سٽ نه سهندي اسپتال ۾فوت ٿي ويوآهي.
ايس ايڇ او سرور ڊيهو ڪراچي کان سکر ايندي نوابشاهه ڀرسان روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي ڪراچي جي اسپتال ۾داخل ڪرايو ويو هو، جتي فوت ٿي ويو.
فوتي غلام سرور ڊيهو جو لاش ڪراچي کان سکر منتقل ڪيو ويو آهي، جتي اڄ شام جو لال مشائخ ۾ جنازي نماز ادا ڪئي ويندي…………….