وزيراعظم عمران خان ناڻي واري وزارت کان ڏهن سالن دوران ورتل قرض جا تفصيل طلب ڪري ورتا

وزيراعظم عمران خان ناڻي واري وزارت کان ڏهن سالن دوران ورتل قرض جا تفصيل طلب ڪري ورتا، وزيراعظم چيو آهي ته 10 سالن ۾ قرض 6 هزار مان وڌيڪ 30 ارب ڊالرز ٿي ويو، قرضن جي قسط ڀرڻ لاءِ قرض وٺڻو پئجي رهيو آهي، هائوسنگ منصوبي سان صنعتن ۾ اضافو ۽ وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. جنهن دوران آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ واري پروگرام سوڌو ٻين منصوبن تي غور ويچار ڪيو ويو.

اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته نئون پاڪستان هائوسنگ اهم منصوبو آهي ۽ نئين پاڪستان هائوسنگ اسڪيم ون ونڊو آپريشن تحت شروع ڪيو پيو وڃي.

هن چيو نئون پاڪستان هائوسنگ پراجيڪٽ سان تعميراتي  صنعت ۾ ترقي ٿيندي، جڏهن ته اورنج لائن ٽرين لاءِ وڌيڪ قرض کڻڻو پوندو.

وزيراعظم ناڻي واري وزارت ڏهن سالن دوران ورتل قرض جا تفصيل طلب ڪندي چيو ته ملڪ لاءِ ورتل قرض ڪيئن خرچ ٿيا؟ قوم جا اربين رپيا ڦرلٽ ڪري کاڌا ويا .

هن چيو ته پاڪستان جو قرض 6 هزار ارب کان وڌي 30 هزار ارب تائين پهچي ويو آهي، قرض جي قسط ڀرڻ لاءِ به اسان کي وڌيڪ قرض کڻڻو پئجي رهيو آهي.

وزيراعظم چيو ته ناڻي واري وزارت کان قرض جي حوالي سان تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. ……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*