عمران خان پارليامينٽ جو ميمبر نه پر ڏوهي آهي، مولانا فضل الرحمان

جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پارليامينٽ جو ميمبر نه پر ڏوهي آهي.

پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته عمران خان ايوان جي تذليل ڪئي آهي کيس اجلاس ۾ اچڻ نه کپندو هو.

هن چيو ته جنهن ايوان کي عمران خان جعلي چيو ان ۾ ئي هن شرڪت ڪئي جيڪو عمل غلط آهي.

جي يو آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته يمن معاملي تي سورين جماعتن کي اعتماد ۾ وٺي آخري فيصلو ڪيو وڃي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان هاڻ پارليامينٽ جو ميمبر نه رهيو آهي هو هاڻ ايوان جو ڏوهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*