لاهور جِي احتساب عدالت، آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ۾ گرفتار ن ليگ جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز  شريف جَي جسماني رمانڊ ۾ واڌ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

لاهور جِي احتساب عدالت، آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ۾ گرفتار ن ليگ جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز  شريف جَي جسماني رمانڊ ۾ واڌ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

احتساب عدالت ۾ آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نيب لاهور  اپوزيشن ليڊر کي بڪتربند گاڏي بدران عام گاڏي ذريعي پيش ڪيو.

شهباز شريف جي احتساب عدالت ۾ پيشي دوران سڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا، جڏهن ته ليگي ڪارڪنن جو وڏو انگ عدالت ٻاهران پهتل آهي.

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهه ڪيو ته آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل جي جاچ جاري آهي، تنهنڪري شهباز شريف جي جسماني رمانڊ ۾ 15 ڏينهن واڌ ڪئي وڃي.

عدالت شهباز  شريف جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ بابت نيب جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو ڪجهه دير بعد ٻڌايو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*