صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته پ پ قيادت تي رڪشه ۽ فالودي وارن جي اڪائونٽس مان نڪتل رقم جا ڪيس مڙهيا پيا وڃن

صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته پ پ قيادت تي رڪشه ۽ فالودي وارن جي اڪائونٽس مان نڪتل رقم جا ڪيس مڙهيا پيا وڃن، پر جهانگير ترين جي ملازم جي اڪائونٽ مان نڪتل رقم بابت ڪابه جاچ ناهي ڪئي وئي.

بينڪنگ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائندي ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته جن جي اڪائونٽن مان دهشتگردن جا رابطا نڪري رها آهن انهن خلاف ڪابه جاچ ناهي ڪئي وئي.

هن چيو  ته ايف اي وٽ مني لانڊرنگ بابت ڪي به ثبوت ناهن، الزام لڳايا ويندا آهن ۽ بعد ۾  ڪجهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪيو ويندو آهي.

ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته پ پ قيادت تي مني لانڊرنگ جا ڪوڙا الزام لڳايا ويا آهن، چيف جسٽس نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪري………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*