ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد سکر ۾ وڌيڪ ٻن نين ريل گاڏين جو افتتاح ڪري ڇڏيوآهي

ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد سکر ۾ وڌيڪ ٻن نين ريل گاڏين جو افتتاح ڪري ڇڏيوآهي، نين ريل گاڏين جي افتتاح واري موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد جو چوڻ هو سنڌ ۾ وڌيڪ 2 نيون ريل گاڏيون جلد هلايون وينديون، پاڪ چين رشتي کي ريل وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهي ٿي، ريل بنا سي پيڪ جو حسن اجاگر نه ٿي سگهندو، وزيراعظم جو چين وارو دورو اهم آهي، جنهن ۾ سي پيڪ سميت ملڪ جي ترقي جي رٿائن بابت ڳالهيون ڪيون وينديون.

ريلوي واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته 100 ڏهاڙن ۾ سنڌ کي وڌيڪ 3 ٽرينون ڏنيون وينديون، سکر مان وڌيڪ هڪ تيز ترين ٽرين هلائي ويندي.

هن چيو ته ريلوي کي نيلام گهر بڻائيندڙن جو انجام خراب ٿيندو، لٽيل پئسو هميشه تباهي جي کڏي ۾ کڻي ويندو آهي.

شيخ رشيد جو وڌيڪ  چوڻ هو ته جيتري غربت هن سکر ۾ ڏٺي آهي، ايتري ڪٿي به ناهي ڏٺي، ڪوشش آهي ته ريلوي ۾ 10 هزار نيون ڀرتيون ڪيون وڃن.

وفاقي وزير چيو ته پاڪ چين رشتي کي ريل وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهي ٿي، ريل بنا سي پڪ جو حسن ۽ جمال اجاگر نه ٿي سگهندو.

هن چيو ته ڪنهن به ڪچي آبادي کي ختم نه ڪيو ويندو، ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ ريلوي جي مهانگي زمين تان قبضو ختم ڪرايو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*