اوٻاوڙو ويجهو هٿياربند ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ڪارنهن الزام هيٺ آيل نوجوان کي اغوا ڪري ويا

اوٻاوڙو ويجهو هٿياربند ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ڪارنهن الزام هيٺ آيل نوجوان کي اغوا ڪري ويا، پوليس واقعي جي رپورٽ داخل ڪري ورتي.

هٿياربندن ڳوٺ نبي بخش ميراڻي تي چڙهائي ڪري ڪارنهن الزام هيٺ آيل نوجوان رفيق ميراڻي کي اغوا ڪري ويا.

نوجوان جي اغوا بابت وارثن جي فرياد تي کنڀڙا ٿاڻي تي واقعي جي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار تان هٿيار بندن ڳوٺ تي حملو ڪري نوجوان کي اغوا ڪيو آهي.

ڳوٺاڻن موجب اغوا ڪيل نوجوان کي هڪ مهينو اڳ ناري پري ميراڻي سان ڪارو قرار ڏنو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*