بلوچستان جي علائقي ڊيرا مراد جمالي ۾ هٿياربندن گهر تي حملو ڪري ٻن عورتن ۽ معصوم ٻارڙي سوڌو 6 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو

بلوچستان جي علائقي ڊيرا مراد جمالي ۾ هٿياربندن گهر تي حملو ڪري ٻن عورتن ۽ معصوم ٻارڙي سوڌو 6 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.

ڊيرا مراد جمالي جي بابا ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ هيبت خان عمراڻي ۾ هٿياربندن عمراڻي برادري جي گهر  ۾ داخل ٿي ڳرن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا.

گوليون لڳڻ جَي نتيجي ۾ ٻن عورتن ۽ هڪ معصوم ٻارڙي سميت 6 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.

پوليس موجب، مارجي ويلن جي سڃاڻپ منظور حسين عمراڻي، حميد الله عمراڻي، رحيم بخش رند، مسمات ليلا، ارشادان طور ٿي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته حملي ۾ ڏيڍ سالن جي ٻارڙي به مارجي وئي آهي، جڏهن ته واقعي جي مختلف رخن سان جاچ ڪئي پئي وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*