نواز ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت تي 14 آڪٽوبر جو خوف طاري آهي، جيستائين هي حڪومت رهندي

نواز ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت تي 14 آڪٽوبر جو خوف طاري آهي، جيستائين هي حڪومت رهندي، مٿن ننڍي چونڊ جو خوف طاري رهندو ، راڻا ثناءُ الله اپوزيشن ليڊر جي غير قانوني ۽ غير آئيني گرفتاري تي پنجاب ۽ قومي اسيمبلي ۾ احتجاج ڪيو ويندو آهي.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته ننڍي چونڊ ۾ عوام تحريڪ انصاف کي رد ڪري ڇڏيو، حڪمران شڪست سبب ڊپ ۾ ورتل آهن.

مريم اورنگزيب چيو ته جيستائين هي حڪومت رهندي، مٿن ننڍي چونڊ جو خوف طاري رهندو، غير جمهوري رويا حڪومتي ڪارڪردگي تي سواليا نشان آهن.

هوڏانهن نواز ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو ته شهبازشريف کي بنا جواز گرفتار ڪيو ويو، حڪومت انتقامي ڪارروائيون بند ڪري.

راڻا ثناءُ الله چيو ته اپوزيشن ليڊر جي غير قانوني ۽ غير آئيني گرفتاري تي پنجاب ۽ قومي اسيمبلي ۾ احتجاج ڪيو ويندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*