مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته ملڪي سياست ۽ جهموريت ۾ لياري وارن جو اهم ڪردار آهي

مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته ملڪي سياست ۽ جهموريت ۾ لياري وارن جو اهم ڪردار آهي، لياري وارن راندين جي ميدان ۾ به ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي.

لياري ۾ پي ٽي آءِ جي ايم اين اي شڪور شاد جي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار آفريدي چيو ته ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جون امن لاءِ قربانيون رائيگان نه وينديون، لياري جي ماڻهن کي پيغام ڏيان ٿو ته نئين پاڪستان ۾ سڀني جي عزت ملندي.

هن چيو ته ڪراچي کي يرغمال بڻائيندڙ قوتن کي چوان ٿو ته پنهنجو قبلو درست ڪن، نيشنل ايڪشن پلان تحت دهشتگردن تي هٿ وڌا ويندا.

شهريار آفريدي چيو ته ڪراچي روينيو جو 65 سيڪڙو ڏئي ٿو ان جي باوجود شهر کي اونداهه ۾ رکيو ويو آهي.

هن چيو ته سياستدان هڪٻئي جي ڳچي ۾ هٿ وجهندا ته ملڪ جو نقصان ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*