سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهريار مهر خلاف مذمتي رٿ منظور ڪئي وئي

سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهريار مهر  خلاف مذمتي رٿ منظور ڪئي وئي، اقليتن جي عباتگاهن جي تعمير، فنڊز جي فراهمي ۽ انهن جي حفاظت لاءِ 2000اهلڪار ڀرتي ڪرڻ سميت 3  ٺهراءُ منظور ڪيا ويا، جڏهن ته اڄ به حڪومتي ۽ مخالف ڌر وچ ۾ جهڙپون ٿيون.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس جي شروعات ۾ اسپيڪر شهر يار مهر سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان رولز ۽ بزنس جون جيڪي ڪاپيون ڦاڙيون ان تي ايوان کان معافي وٺو.

شهر يار مهر اسپيڪر کي چيو ته اوهان رولز مطابق ايوان کي نٿا هلايو، جنهن تي اسپيڪر کيس چيو ته جيڪڏهن هو رولز تحت ڪارروائي نٿو هلائي ته سندس خلاف عدم اعتماد واري رٿ آندي وڃي، جنهن دوران ٻنهي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.

متحده جي پارلياماني اڳواڻ سيد سردار احمد اسپيڪر سان مخاطب ٿيندي چيو ته پي ٽي آءِ ميمبرن استعيفائون ڏنيون آهن، سندن ايوان ۾ شرڪت غير آئيني آهي.

اسپيڪر چيو ته پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر اهي اليڪشن ڪميشن ڏانهن نه موڪليون ويون هيون.

اجلاس دوران ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا پاران مراد علي شاهه کان رولز ۽ بزنس بابت مشاورت ڪرڻ تي شهر يار مهر مخالفت ڪندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته مراد علي شاهه پارلياماني وزير آهي يا اوهان جو صلاحڪار.

شهر يار مهر جي اهڙي جملي تي مراد علي شاهه کيس ڌڙڪو ڏنو جنهن کانپوءِ اپوزيشن ميمبرن سخت احتجاج ڪيو.

اجلاس دوران پ پ ايم پي اي سڪندر شوري مخالف ڌر جي اڳواڻ شهر يار مهر خلاف مذمتي رٿ پيش ڪئي، جنهن جي منظوري تي مخالف ڌر جي ميمبرن سخت احتجاج ڪندي واڪ آئوٽ ڪيو.

مذمتي رٿ تي ڳالهائيندي سڪندر شوري چيو ته شهر يار مهر اسيمبلي جي قائدن ۽ ضابطن جو ڪتاب ڦاڙي ايوان جي توهين ڪئي آهي، انڪري سندس اسيمبلي ۾ اچڻ تي پابندي مڙهي وڃي.

سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ ايم پي اي نصرت سلطانه گهڻ ماڙ عمارتن ۾ هنگامي رستا ٺاهڻ کي يقيني بڻائڻ وارو ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي.

ٺهراءُ تي ڳالهائيندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ماضي ۾ گهڻ ماڙ عمارتن جي تعمير لاءِ ڪابه رٿابندي نه ڪئي وئي.

هن چيو ته پبلڪ پارڪس ۽ ڀلائي وارن پلاٽن تي قبضا ڪري شادي هال، ريسٽورنٽ ۽ ٻيون اڏاوتون ڪيون ويون، جن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي غير قانوني اڏاوتون هٽايون پيون وڃن پر عدالتون ان تي اسٽي ڏئي رهيون آهن، جيڪو غلط عمل آهي.

ايم ڪيو ايم جي محمد حسين چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڦرلٽ وارو ادارو بڻجي وئي آهي.

ايم ڪيو ايم جي ديوان چند چاولا اقليتن جي عبادتگاهن جي تعمير ۽ فنڊز جي فراهمي وارو ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي به منظوري ڏني وئي، جڏهن ته فنڪشنل ليگ جي نند ڪمار گوڪلاڻي اقليتن جي عبادتگاهن جي حفاظت لاءِ 2000 اهلڪار ڀرتي ڪرڻ وارو ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو به منظور ڪيو ويو.

اجلاس دوران شهر يار مهر سينٽرل جيل حيدرآباد ڀرسان بس اڏو خالي ڪرائڻ خلاف التويٰ واري رٿ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي شهلا رضا کيس پٽ چئي ويهڻ لاءِ چيو جنهن تي شهر يار مهر جي امان چئي ويهي رهيو.

اجلاس دوران مختلف ميمبرن پاران پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي تعليم واري وزير نثار کهڙي چيو ته صوبي ۾ 37 سئو کان وڌيڪ اسڪول بند پيل آهن، جن مان 12سئو اهڙا اسڪول آهن جتي نه ماڻهو رهن ۽ نه ئي وري اسڪول کولڻ جي ضرورت هئي.

ايم ڪيو ايم جي سليم بنڌاڻي چيو ته شرجيل ميمڻ سندس ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب نٿو ڏئي، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر سندس مائيڪ بند ڪرائي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ايم ڪيو ايم ميمبرن احتجاج ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*