پراڻي سکر مان گم ٿي ويل نينگر جو سنڌ درياهه مان لاش هٿ ڪيو ويو

پراڻي سکر مان گم ٿي ويل نينگر جو سنڌ درياهه مان لاش هٿ ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته نينگر کي ڦاهو ڏئي پٿر سان ٻڌي درياهه ۾ اڇلايو ويو.

پراڻي واري علائقي مان 4 ڏينهن اڳ پر اسرار نموني گم ٿي ويل 7 ورهين جي نينگر زبير مهر جو سنڌو درياهه مان ڦاهو ڏنل لاش هٿ ڪيو ويو.

نينگر جو لاش درياهه مان ڪڍي گهر پهچايو ويو ته ڪهرام مچي ويو.

نينگر جي پيءُ عزيز مهر ٻڌايو ته سندس پٽ کي اغوا ڪرڻ کانپوءِ ڳچيءَ ۾ ڦاهو وجهي پٿر سان ٻڌي درياهه ۾ اڇلائي ماريو ويو.

هن چيو ته سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي، واقعي جي جاچ ڪرائي ملوث جوابدارن کي ڦاهي تي چاڙهي انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*