پنو عاقل مان 3 ڏينهن اڳ گم ٿيل نوجوان جو لاش درياهه مان هٿ اچي ويو آهي

پنو عاقل مان 3 ڏينهن اڳ گم ٿيل نوجوان جو لاش درياهه مان هٿ اچي ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو آپگهات جو نظر اچي رهيو آهي.

نوجوان سهيل مهر جو لاش درياهه مان هٿ ڪيو ويوآهي، نوجوان جي ڪار هڪ ڏينهن اڳ لب مهراڻ وٽان هٿ آئي هئي.

نوجوان سهيل مهر 3 ڏينهن اڳ پنو عاقل ۾ گهران نارض ٿي نڪرڻ بعد گم ٿي ويو هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان سهيل مهر جو موت آپگهات نظر اچي رهيو آهي، وڌيڪ جاچ بعد خبر پوندي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*