باڊھ ٽائون ڪاميٽي جي ڪچن ملازمن نوڪري مان برطرفي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

 باڊھ ٽائون ڪاميٽي جي ڪچن ملازمن نوڪري مان برطرفي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڪچن ملازمن  محرم علي، عابد علي، هريش ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 30ڪچن ملازمن کي نوڪري ڪندي اڍائي سالن کان وڌيڪ عرصو ٿيو آهي، پر هاڻ اضافي ڄاڻائي نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو آهي.

هنن مطالبو ڪيو آهي  ته کين فوري طور بحال ڪري رهيل پگهارون ڏئي پريشاني دور ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*