پي ٽي آءِ اڳواڻ عليم خان پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي

پي ٽي آءِ اڳواڻ عليم خان پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته حمزه شهباز ٻڌائي ته هن ڪٿي قبضا ڪيا آهن ۽ مٿس ڪهڙن ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن؟.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عليم خان چيو ته اپوزيشن اڌ ڪلاڪ احتجاج ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، نون ليگ ۾ 126 ڏينهن ڌرڻا هڻڻ جي سگهه ناهي.

عليم خان حمزه شهباز سان مخاطب ٿيندي چيو ته اورينج لائن منصوبي جي ٺيڪن جي جاچ ڪئي ويندي، اجائي واويلا ڪرڻ سان قوم جو ڌيان ڪرپشن تان نٿو هٽائي سگهجي.

هن چيو ته روزانو مٿس نوان الزام مڙهيا پيا وڃن، پيرا گون ۽ ايل ڊي اي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، ان جو حمزه شهباز کي جواب ڏيڻو پوندو.

سندس چوڻ هو ته نون ليگ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي خلاف الزامن تي لهي آئي آهي، الزام مڙهيندڙ ثبوت پيش ڪن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*