پاڪستان نيوي جو جهاز يمن ۾ ڦاٿل 36 پرڏيهين سميت 182 شهرين کي کڻي ڪراچي بندر گاهه پهچي ويو

پاڪستان نيوي جو جهاز پي اين ايس اصلت يمن ۾ ڦاٿل 36 پرڏيهين سميت 182 شهرين کي کڻي ڪراچي بندر گاهه پهچي ويو، پرڏيهي شهرين کي واڳيل قونصل خانن ذريعي وطن واپس اماڻيو ويندو.

پاڪستان نيوي جو خاص جهاز پي اين ايس اصلت ٻن ڏينهن جي سفر کانپوءِ ڪراچي بندر گاهه تي پهتو، جهاز ۾ 36پرڏيهين سميت 182 مسافر سوار هئا.

سامونڊي جهاز ۾ 11 ڀارتي، 8 چيني، 4 برطانوي، 4 فلپائيني، 2 مصري شهري به سوار هئا، ان کانسواءِ 9 ڄڻن جو تعلق انڊونيشيا، شام، اردن ۽ ڪينيڊا سان آهي.

ڪراچي بندر گاهه تي ريئر ايڊمرل مختار خان، واڳيل ملڪن جي سفارتڪارن ۽ واپس آيل پاڪستانين جي گهر ڀاتين، مٽ مائٽن ۽ دوستن سندن آجيان ڪئي.

سامونڊي جهاز مان واپس آيل پاڪستانين توڙي پرڏيهي شهرين جي هٿن ۾ پاڪستان جا جهنڊا هئا ۽ اهي سمورا پاڪستان زنده باد، لانگ لـِو پاڪستان جا نعرا هڻي رهيا هئا.

146 پاڪستاني شهرين کي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد گهر روانو ڪيو ويندو.

سامونڊي فوج جي ترجمان موجب پرڏيهي شهرين کي قونصل خانن سان رابطي بعد سندن ڏيهه واپس اماڻيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*