ڏڪار سٽيل ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي ٻارڙن جي فوتگين جو سلسلو جاري آهي

ڏڪار سٽيل ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي ٻارڙن جي فوتگين جو سلسلو جاري آهي، سول اسپتال مٺي ۾ اڄ وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت ٿيڻ بعد19 ڏينهن دوران فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ 31 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٿر ۾ سخت ڏڪار سبب ماروئڙن جي لڏپلاڻ به جاري آهي.

مٺي سول اسپتال ۾ پورهيت چمن ٿري جو ٻن ڏينهن جو پٽ  ۽ ڳوٺ ارڻيارو جي رهواسي شريف ڏوهٽ جي چئن ڏينهن جي ڌي حنيفان فوت ٿي ويا .

وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت ٿيڻ بعد19 ڏينهن دوران فوت ٿيل ٻارڙن جوانگ 31 ٿي ويو آهي، جڏهن ه ٿر ۾ سخت ڏڪار سبب ماروئڙن جي لڏپلاڻ به جاري آهي.

ڏڪار سٽيل ماروئڙن جو چوڻ آهي ته امدادي ڪڻڪ به درست نموني ورهاست نه ٿي رهي آهي، جنهن ڪري هو بکون ڪاٽيندي لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

واضح رهي ته ٿرپارڪر ۾ برساتون نه پوڻ ڪري سخت ڏڪار واري صورتحال آهي، پاڻي جا کوهه سڪي ويا آهن ۽ چارو ختم ٿي وڃڻ ڪري چوپايو مال به مري رهيو آهي…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*