اسلام آباد جي عدالت، ججز خلاف گهٽ وڌ ڳالهائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي سينيٽر فيصل رضا عابدي کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻيندي سندس طبي معائني جو حڪم ڏنو آهي

اسلام آباد جي عدالت، ججز خلاف گهٽ وڌ ڳالهائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي سينيٽر فيصل رضا عابدي کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻيندي سندس طبي معائني جو حڪم ڏنو آهي.

ايف آءِ اي اڳوڻي سينيٽر فيصل رضا عابدي جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي کيس اسلام آبادجي سول جج عامر عزيز جي عدالت ۾ پيش ڪيو.

ايف آءِ اي فيصل رضا عابدي جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي، جيڪا عدالت رد ڪري ڇڏي.

عدالت اڳوڻي سينيٽر فيصل رضا عابدي کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻيندي سندس طبي معائني جو حڪم ڏنو.

واضح رهي ته فيصل رضا عابدي چيف جسٽس سميت ٻين ججز تي تنقيد ڪئي هئي، جنهن تي مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*