بلوچستان جي علائقي بولان ۾ ريلوي ٽريڪ تي ٻن ڌماڪن جي نتيجي ۾ ريلوي ٽريفڪ معطل ٿي وئي

بلوچستان جي علائقي بولان ۾ ريلوي ٽريڪ تي ٻن ڌماڪن جي نتيجي ۾ ريلوي ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جڏهن ته سڪيورٽي فورسز جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائيون تيز ڪري ڇڏيون آهن.

بولان جي علائقي هرڪ ويجهو جعفر ايڪسپريس ويجهو هڪٻئي پٺيان 2 ڌماڪا ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ ريلوي ٽريڪ تباهه ٿي ويو.

ريلوي اختيارين موجب، جعفر ايڪسپريس جي گذرڻ بعد ڌماڪو ٿيو، جنهن سبب ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو.

واقعي کانپوءِ سڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري هيٺ آڻي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.

ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ريلوي ٽريڪ متاثر ٿيڻ سبب ٽريفڪ متاثر ٿي آهي، جڏهن ته ٽرينن کي مختلف اسٽيشنز تي روڪيو ويو آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*