ٺل ۾ معذور ڪوٽا تحت نوڪريون ۽ ٻيون مراعتون نه ملڻ خلاف معذورن احتجاجي مظاهرو ڪيو

ٺل ۾ معذور ڪوٽا تحت نوڪريون ۽ ٻيون مراعتون نه ملڻ خلاف معذورن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

معذورن غوث بخش، بشير جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته معذورن جي نوڪرين واري ڪوٽا تي عمل نٿو ڪيو وڃي، زڪوات توڙي بيت المال مان مالي مدد به نٿي ڪئي وڃي.

هنن مطالبو ڪيو آهي ته جائز مسئلا حل ڪري پريشاني کان بچايو وڃي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*