پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغانستان ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان ڪابل سان گڏ آهي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغانستان ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان ڪابل سان گڏ آهي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغانستان جي هم منصب صلاح الدين سان فون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران پاڪ افغان لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

شاهه محمود قريشي قنڌار ۾ دهشتگرد حملي ۾ افغان قيادت سوڌو انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو.

شاهه محمود قريشي چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ پاڪستان افغان ڀائرن سان گڏ آهي، امن جي بحالي لاءِ سهڪار جاري رکيو ويندو.

شاهه محمود قريشي اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان ۾ عام چونڊون پرامن طريقي سان منعقد ٿينديون………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*