سپريم ڪورٽ، مبينا جعلي بينڪ اڪائونٽس بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي 22 آڪٽوبر تي مقرر ڪندي آصف زرداري، فريال ٽالپر، انور مجيد ۽ عبدالغني مجيد کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

سپريم ڪورٽ، مبينا جعلي بينڪ اڪائونٽس بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي 22 آڪٽوبر تي مقرر ڪندي آصف زرداري، فريال ٽالپر، انور مجيد ۽ عبدالغني مجيد کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

مبينا جعلي بئنڪ اڪائونٽس بابت پاڻمرادي نوٽيس تي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني نئين بينچ قائم ڪئي وئي آهي.

سپريم ڪورٽ جي نئين بينچ جسٽس عمر عطا بنديال جي جاءِ تي جسٽس مشير عالم کي شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نئين بينچ پاڻمرادي نوٽيس تي 22 آڪٽوبر تي ٻڌڻي ڪندي.

اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، انور مجيد ۽ عبدالغني مجيد کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي کي ٻي اڳڀرائي رپورٽ پيش  ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جاچ ڪميٽي جي رپورٽ ملڻ بعد ٻڌڻي مقرر ڪئي وئي آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*