سعودي  حڪومت صحافي جمال  خاشقجي جي قتل جي تصديق بعد 5  اهم شخصيتن  کي برطرف ڪري 18 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي

سعودي  حڪومت صحافي جمال  خاشقجي جي قتل جي تصديق بعد 5  اهم شخصيتن  کي برطرف ڪري 18 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب  سعودي عرب امريڪا جي اخبار جي صحافي جمال خاشقجي  جي استنبول جي سعودي سفارت خاني ۾ قتل جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

مقامي ميڊيا موجب سعودي پراسيڪيوٽر جو چوڻ آهي ته 2 آڪٽوبر تي جيئن ئي خاشقجي قونصل خاني آيو ته اتي موجود ماڻهن سان سندس لڙائي ٿي پئي، جنهن جو نتيجو سندس موت جي صورت ۾ نڪتو ۽ انهن ماڻهن واقعي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي.

 مقامي ميڊيا موجب خاشقجي سان لڙائي جو سبب بيان نه ڪيو ويو آهي،  ۽ اهو به واضح نه ڪيو ويو آهي ته خاشقجي جو مڙهه ڪٿي آهي؟

 امريڪي ميڊيا موجب واقعي کانپوءِ سعودي ولي عهد جي 2 صلاحڪارن سميت 5 اهم شخصيتن کي عهدن تان برطرف ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سعودي انٽيلجنس جو نائب سربراهه به شامل آهي.

 پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سعودي حڪومت معاملي  جي جاچ لاءِ ولي عهد سلمان بن محمد جي  سربراهي ۾ وزارتي جاچ ڪميٽي جوڙي ورتي آهي، جيڪا هڪ مهيني ۾ رپورٽ جمع ڪرائيندي.

              پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي اختيارين جو چوڻ آهي ته سعودي جي سفارت خاني ۾ صحافي جي قتل تي افسوس آهي، معاملي جي مڪمل طور  تي جاچ ڪئي ويندي.

 ٻئي طرف معاملي تي سعودي فرمان روا ۽ ترڪيءَ جي صدر طيب اردگان وچ ۾ فون تي رابطو ٿيو آهي، جنهن ۾ صحافيءَ جي موت بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ترڪي واقعي جي جاچ کان سموري دنيا کي آگاهه ڪرڻ جو چيو آهي.

گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس ذميوارن کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ۽ امريڪا پاران به واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*