آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان قطر جي پرڏيهي وزير ۽ نائب وزيراعظم ملاقات ڪئي آهي

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان قطر جي پرڏيهي وزير ۽ نائب وزيراعظم ملاقات ڪئي آهي، آرمي چيف چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪندو رهندو.

آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان قطر جي نائب وزير اعظم محمد بن عبدالرحمان ۽ قطري پرڏيهي وزير ملاقات ڪئي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي وارو معاملن ۽ خطي جي سڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر موجب، قطري وفد دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪاميابين کي تسليم ڪرڻ سان گڏ واکاڻ ڪئي.

ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندو رهندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*