شھيد مير مرتضي ڀٽو جي 22 هين ورسي اڄ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ملهائي پئي وڃي

شھيد مير مرتضي ڀٽو جي 22 هين ورسي اڄ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ملهائي پئي وڃي، ورسي ۾ شرڪت لاءِ ڪارڪنن جي آمد جو سلسلوجاري آهي.

پي پي شھيد ڀٽو جي اڳوڻي چيئرمين شهيد مير مرتضي ڀٽو جي 22 هين ورسي جي تقريب ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ٿي رهي آهي.

ورسي تقريب ۾شرڪت ڪرڻ لاءِ سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن مان قافلن جي آمد جو سلسلو جاري آهي.

ڪارڪنن طرفان شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون ويون ۽ قرآن خواني ڪئي وئي.

جلسي ۾ ڪي پي يونيورسٽي ۾ شھيد ٿيل شاگرد مشال خان جي والد اقبال خان بھ شرڪت ڪئي.

جڏهن ته پي پي شھيد ڀٽو جي جلسي ۾ پي پي چييرپرسن غنوي ڀٽو پاران اڳواڻن ۽ شھيدن جي وارثن کي اجرڪن جي جاءِ تي  فلسطيني جدوجھد جي علامت فلسطيني رومال پارايا ويا.

 جلسي ۾ اقبال خان، افضل خاموش، يوسف مسيح خان، ڪامريڊ تيمور، سليم شاھ، راشد ڪلھوڙو، علي احمد پليپوٽو، ابرار علي ۽ شمائلا خان کي فلسطيني رومال پارايا ويا………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*