ڏڪاريل ٿر  ۾ بک ۽ بدحالي سبب معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي

ڏڪاريل ٿر  ۾ بک ۽ بدحالي سبب معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، مٺي جي سول اسپتال ۾ وڌيڪ هڪ ٻارڙي فوت ٿيڻ بعد گذريل 22 ڏينهن ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي  36 ٿي ويو آهي.

ٿرپارڪر ۾ برساتون نه پوڻ ڪري سخت ڏڪاري واري صورتحال برقرار آهي، جنهن سبب ماروئڙن جي لڏپلاڻ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته حڪومت پاران امدادي ڪڻڪ جي به درست نموني ورهاست نه ٿي رهي آهي.

مٺي سول اسپتال ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ بيماري وگهي ڳوٺ جاريو جو تڙ جي رهواسي سراج دين جي يارهن ڏينهن جي ڌي فوت ٿي وئي آهي.

ڏڪاريل ٿر ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي هلندڙ سال فوت ٿي ويل ٻارڙن جو انگ وڌي  521 ٿي ويو آهي، پر مختلف سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرز ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ برقرار آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*