سنڌهاءِ ڪورٽ غيرقانوني هٿيار رکڻ واري ڪيس جي سزا ٻڌايل جوابدار جي اپيل منظور ڪندي ماتحت عدالت جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي

سنڌهاءِ ڪورٽ غيرقانوني هٿيار رکڻ واري ڪيس جي سزا ٻڌايل جوابدار جي اپيل منظور ڪندي ماتحت عدالت جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

 سنڌهاءِ ڪورٽ جوابدار اڪرم عرف اڪو پاران ماتحت عدالت جي کيس ٻڌايل سزا خلاف داخل ڪرايل درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جوابدار اڪرم عرف اڪو پاران ماتحت عدالت جي 21 سال قيد واري فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي وئي هئي.

 عدالت جوابدار جي اپيل منظور ڪندي ماتحت عدالت جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

 عدالتي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن جوابدار ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گهربل ناهي تي کيس آزاد ڪيو وڃي.

 ماڙيپور پوليس موجب جوابدار اڪرم عرف اڪو وٽان گذريل سال هينڊ گرينيڊ ۽ پستول هٿ ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*