ملتان ويجهو ٻن مسافر بسن ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيلن مان وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا

ملتان ويجهو ٻن مسافر بسن ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيلن مان وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ وڌي 21 ٿي ويو.

ڊيرا غازي خان اسپتال ۾ داخل وڌيڪ 2 زخمي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا، جنهن کان پوءِ فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 21 ٿي ويو آهي.

فوت ٿي ويلن مان 12 ڄڻن جو هڪ ئي برادري سان تعلق آهي.

گذريل ڏينهن ملتان ۽ ڊيرا غازي خان روڊ تي ٻن بسن ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 19 مسافر فوت ۽ 35 زخمي ٿي پيا هئا.

حادثي ۾ زخمي ٿيلن کي ڊيرا غازي خان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي 6 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*