گهوٽڪي ۾ ڳوٺاڻن ڪچو بنڊي پوليس جي مبينا زيادتي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

گهوٽڪي ۾ ڳوٺاڻن ڪچو بنڊي پوليس جي مبينا زيادتي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ داد چاچڙ جي رهواسين عارف چاچڙ،نظام الدين، امام الدين ۽ ٻين ڪي ٽي اين نيوز جي آفيس پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته هو ڪيس جي شنوائي تي ڪورٽ وڃي رهيا، ته باءِ پاس تي ڪچو ٻنڊي پوليس بنا سبب جي روڪي ورتو.

هنن چيو ته  پوليس کيسن مان پئسا، شناختي ڪارڊ ڪڍي پاڻ وٽ رکي ڇڏيا آهن.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي پوليس خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*