سپريم ڪورٽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس واري ڪيس ۾ سهڪار نه ڪرڻ تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري سميت سمورن آفيسرن کي طلب ڪري ورتو

سپريم ڪورٽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس واري ڪيس ۾ سهڪار نه ڪرڻ تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري سميت سمورن آفيسرن کي طلب ڪري ورتو، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته  رڪارڊ نه ملڻ تي آفيسرز خلاف ڪارروائي تي غور ڪيو ويندو.

چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ بئنچ جعلي اڪائونٽس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

جي آءِ ٽي ڪيس ۾ اڳڀرائي بابت ٻي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو ته فالودو کپائيندڙ ۽ رڪشا واري جي اڪائونٽس ۾ اربين رپيا اماڻيا ويا آهن.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته معاملو هڪ ارب رپين کان وڌيڪ رقم تائين پهچي ويو، جعلي اڪائونٽس کان شروع معاملو پيچيده شڪل اختيار ڪري ويو آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڪجهه ماڻهن جي فوت ٿيڻ سندن اڪائونٽس ۾ اربين رپيا اماڻيا ويا،47 ارب عام ماڻهن ۽ 54 ارب ڪمپنين جي اڪائونٽ ۾ اماڻيا ويا آهن.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ڇا رقم ڄاڻايل اڪائونٽس ۾ موجود آهي؟.

جي آءِ ٽي سربراهه چيو ته اڪائونٽس مان رقم ڪڍي ان کي بند ڪيو وڃي ٿو.

جي آءِ ٽي سربراهه چيو ته سنڌ سرڪار جاچ ۾ سهڪار نه ڪري رهي آهي، ٺيڪن بابت لاڳاپيل رڪارڊ به فراهم نه پيو ڪيو وڃي.

ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ دليلن ۾ چيو ته سرڪاري ٺيڪن جو رڪارڊ هڪ هنڌ موجود ناهي، جي آءِ ٽي 2008 کان حڪومتي معاهدن جو رڪارڊ گهري رهي آهي.

ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ دليلن ۾ چيو ته جي آءِ ٽي پاران ڏنل 46 مان رڳو 6 معاهدا رڪارڊ ۾ موجود آهن، ڪمري جي ڪرايل رنگ جي معاهدي جي ڪاپي به گهري پئي وڃي.

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته هلندڙ هفتي 26 تاريخ تي ڪراچي ايندس،فنانس، آبپاشي ۽ توانائي سميت سڀئي سيڪريٽري موجود هجن، رڪارڊ نه ملڻ تي آفيسرز خلاف ڪارروائي تي غور ڪيو ويندو.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته سنڌ حڪومت جا ادارا جي آءِ ٽي کي ڄاڻايل رڪارڊ فراهم نه ڪري رهيا آهن، جاچ ڪري رڪارڊ ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪيو وڃي.

اومني گروپ جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته انور مجيد دل جو مريض آهي، ڊاڪٽرن اسپتال ۾ رکڻ جي استدعا ڪئي.

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته مون کي سنڌ جي ڪنهن به ڊاڪٽر تي اعتبار ناهي، هڪ صاحب کي پائلر آهي، اهو به اسپتال ۾ داخل آهي، اهو صاحب ڏينهن جو سپرنٽنڊنٽ جي ڪمري ۽ رات جو گهر ۾ هوندو آهي.

وڪيل دليلن ۾ چيو ته جيل عملو عدالت جي خوف سبب سهڪار نه ڪري رهي آهي.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي، انور مجيد کي اڊيالا جيل منتقل ڪري ڇڏيون ٿا، جتي 24 ڪلاڪ ڊاڪٽر جي سهولت موجود آهي.

عدالت آءِ جي سنڌ کي 26 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*