سنڌ حڪومت ٿر پارڪر ضلعي جي تعلقي ڏيپلو کي ٽوڙي ڪلوئي کي نئون تعلقو بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٿرپارڪر ضلعي جي ڏيپلو تعلقي کي ٽوڙي ڪلوئي کي نئون تعلقو بڻائڻ جي منظوري ڏيندي ٿر جي ٽن ڳوٺن کي بجلي ڏيڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه پ پ ايم پي اي مهيش ملاڻي جي درخواست تي ڏيپلي تعلقي کي ٽوڙي ڪلوئي کي نئون تعلقو بڻائڻ جي منظوري ڏني.

پ پ ايم پي اي مهيش ملاڻي جي آجياڻي دوران وڏي وزير ٿر پارڪر جي ٽن ڳوٺن کي بجلي ڏيڻ ۽ ڏيپلي کي ٽوڙي ڪلوئي کي نئون تعلقو بڻائڻ جي منظوري ڏني.

ڊاڪٽر مهيش ملاڻي وڏي وزير کي درخواست ڪئي ته ڏيپلو تعلقو 1510 مـيلن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ 42 ديهون آهن ۽ پري پري جي ماڻهن کي ڏيپلي پهچڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، تنهنڪري ڪلوئي کي تعلقي جو درجو ڏئي ماڻهن کي رليف مهيا ڪيو وڃي.

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پ پ ايم پي اي مهيش ملاڻي جي درخواست منظور ڪندي سينئير ميمبرز بورڊ آف روينيو کان پروپوزل سمري طلب ڪري ورتي آهي.

وڏي وزير ٿرپارڪر ضلعي جي ٽن ڳوٺن گوديار سومرو، مومن منڱريو ۽ ميگ کاوڙيا کي بجلي ڏيڻ جو به اعلان ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*