انڊونيشيا ۾ خانگي ايئرلائين لوئن ايئر جو هڪ مسافر جهاز سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿي ويو

انڊونيشيا ۾ خانگي ايئرلائين لوئن ايئر جو هڪ مسافر جهاز سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، انڊونيشيا جي ٽرانسپورٽ واري وزارت تصديق ڪندي چيو ته آهي ته جهاز ۾ عملي سميت 188 ماڻهو سوار هئا.

پرڏيهي ميڊيا موجب، انڊونيشيا ۾ خانگي ايئر لائن لوئن ايئر جو هڪ مسافر جهاز سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿي ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، حادثي جو شڪار جهاز جي ٽي 610 جڪارتا کان سماٽرا ٻيٽ جي شهر پنگ ڪل پنانگ وڃي رهيو هو.

انڊونيشيا جي ٽرانسپورٽ واري وزارت تصديقي ڪئي آهي ته جهاز ۾ عملي سميت 188 ماڻهو سوار هئا.

خانگي ايئر لائن ڪمپني جي ترجمان تصديق ڪندي چيو ته جهاز مقامي وقت موجب صبح 6 لڳي 10 منٽ تي جڪارتا روانو ٿيو پر اڏام کان 13 منٽن کان پوءِ هو ريڊار تان غائب ٿي ويو ۽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول تان سندس رابطو ڪٽجي ويو.

ترجمان موجب، ايئرٽريفڪ سان رابطو ڪٽجڻ وقت جهاز 3 هزار 650 فٽ جي اوچائي تي هو.

واضح رهي ته حادثي جو شڪار ٿيندڙ بوئنگ 737 ميڪس 8 جهاز ۾ 210 ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش هوندي آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*